پوليس اهلڪار جي وارثن سان تعزيت ۽ شهيد پيڪيج پيش

گھوٽڪي(رپورٽ لالچند موٽواڻي)ايس ايس پي عمر طفيل شهيد پوليس اهلڪار عبدالرحمان وسير جي گهر پهچي ويو ۽ وارثن سان عذر خواهي ڪئي. هن شهيد اهلڪار جي وارثن کي شهيد پيڪيج (هڪ ڪروڙ  روڪ، ٻه نوڪريون ، 60 سالن تائين بيواهه کي شهيد جي مڪمل پگهار ۽ خرچ، ٻارن کي تعليم ڏيڻ) جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي ڪچوٻنڊي ٿاڻي تي پوليس اهلڪار کي شهيد ڪرڻ، ڊيوٽي اٽڪاءِ ۽ 13 ڊي جا 43 ڄڻن مٿان 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، شهيد اهلڪار عبدالرحمان وسير جو ڪيس 16جوابدارن مٿان ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. جن ۾ حبيب الله اوڳاهي، رحمان اوڳاهي، يعقوب اوڳاهي، پناهه اوڳائي ۽ ٻيا شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو