پوليس اهلڪار جو نجي ڪمپني ملازم سان مبينه فراڊ

ڏھرڪي(اسد غفور ڀٽو)پرائيوٽ ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ محمد رفيق ٽانوري سان ميرپور واسي پوليس اھلڪار ميهر علي مهر مبينه فراڊ ڪري قرض ۾ ڏنل پئسن عيوض بوگس چيڪ ڏنا، محمد رفيق ٽانوري احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو  ته مان هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ڪندو آهيان مونکان پوليس اهلڪار ميهر مهر ڏيڊ لک رپيا قرض ورتا هئا جنهن عيوض هن مونکي ٻه چيڪ ڏنا هئا جنهن ۾ هڪ چيڪ هڪ لک جو ۽ ٻيو چيڪ پنجاھ هزار جو هيو جيڪي مان بئنڪ کڻي ويس ته بئنڪ وارن چيو ته اهي ٻئي چيڪ ڪوڙا آهن جنهن بعد مان ميهر علي مهر کان پئسن جو تقاضو ڪيو ته هو بلڪل پئسن ڏيڻ کان ڦري ويو ۽  مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. مان وزير اعليٰ سنڌ آئي جي سنڌ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ٿو ڪريان ته مونکي ان بدمست پوليس اهلڪار کان پئسا واپس وٺي ڏين ۽ ان کان مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو