پوليس آپريشن ۾ غلطي به ٿي سگهي ٿي، مستوئي

گھوٽڪي(ن سنڌيار)ڪچي ۾ جاري آپريشن ۽ پوليس اھلڪار جي شھادت بابت ايس ايس پي گهوٽڪي چيو آهي ته ڌاڙيل حبيب الله اوڳاهي جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ته مقابلو ٿيو، گوليون اي پي سي مان آر پار نه ٿيون، فائرنگ دوران اي پي سي ۾ ويٺل اهلڪار عبدالرحمان وسير منهن ٻاهر ڪڍيو ته کيس مٿي ۾ گولي لڳي، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي پوليس جي ناقص رٿابندي بابت چيو آهي ته آپريشن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطيون ٿينديون آهن، هي ڪا ٻاراڻي ناهي، حقيقي ويڙهه ٿيندي آهي، ڪچي ۾ آپريشن هر صورت ۾ جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو