پوليس آفيسر عوام جا مسئلا حل ڪن۽ امن ڪرايو، ايس ايس پي

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي )ي : ايس ايس پي گھوٽڪي محمد اظھر خان مغل پنهنجي آفيس ۾ عوام جا مسئلا ٻڌا ۽ جلد مسئلا حل ڪرڻ لاء ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي. هن جو چوڻ ھو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ کيس دلي سڪون ملندو آھي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجھندو آھيان. هن سڀني ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سان گڏجاڻي ڪئي ۽ کين چيو ته تمام آفيسر ۽ اسٽاف ايمانداري ۽ نيڪ نيتي ۽ محنت سان ڪم ڪن ۽ ڪنھن جي به ڪا شڪايت ملي ته ان جي خلاف محڪمانه ڪاروائي ڪئي ويندي،  مان ھر ھڪ ٿاڻي جو دؤرو ڪندس ۽ جلد ضلع گھوٽڪي جي مختلف شھرن ۾ کليل ڪچھريون ڪري عوام جا مسئلا ٻڌي ان کي حل ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس ايس ايس پي گھوٽڪي سڀني ايس ايڇ اوز کي حڪم ڏنو ته جنھن به ٿاڻي جي حد ۾ ڪو ڏوهه ٿئي ته ان جو اطلاع مون کي بروقت ڏنو وڃي ۽ ايس ايڇ او خود ان ڏوهه واري جاءِ تي پھچڻ گھرجي عادي مجرمن روپوش ۽ اشتھاري ڏوھارين خلاف جلد ڪاروايون ڪيون وڃن ايس ايس پي گهوٽڪي تمام ايس ايڇ اوز کي حڪم ڏنو ته سي پيڪ ۽ ٻين پڪٽن تي موجود پوليس اھلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽ پارايا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو