پوري ملڪ ۾ جشن آزادي جون تقريبون ۽ ريليون

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ آچر تي جشن آزادي محرم الحرام جي احترام سان گڏ ڪورونا ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي پرجوش نموني ملهايو ويو. وڏي وزير ۽ گورني قائد اعظم جي مزار تي حاصري ڀري، هر ڊويزنل شهر ۾ ڪمشنر، ڊي آءِ جي ۽ هر ضلعي ۾ ڊي سي ء۽ ايس پيز کانسواءِ اسڪولن ۾ استادن جي تقريبن سان گڏ مختلف تنظيمين پاران ريليون ڪڍي آزادي جي ڏينهن تي پاڪستان زنده باد جا نعرا هنيا ويا. پاڪستان جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ دعائون به گهرين ويون. پوري مُلڪ جيان ضلعي ٺٽي ۾ به 75هين آزاديءَ واري ڏينهن جي موقعي تي  14 آگسٽ جشن آزادي جي مُک تقريب ڪرونا وائرس بابت ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ محرم الحرام جي احترام جي پيش نظر مختصر طور تي پوليس گرائونڊ مڪلي ۾ سادگي سان ملهائي وئي. تقريب جو آغاز  ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران پاڪستان جو قومي جھنڊو ڦڙڪائڻ بعد ڪيو ويو، ان موقعي تي قومي ترانو وڄائي پوليس جي دستي پاران پريڊ پيش ڪندي سلامي پيش ڪئي وئي  ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو ڏينهن پوري قوم لاءِ وڏي خوشيءَ ۽ جشن جو ڏينهن آهي جو اسان کي آزادي جھڙي نعمت نصيب ٿي ۽ اهڙي آزاديءَ جو قدر ۽ قيمت جو اندازو انهن قومن کي ڏسي لڳائي سگھون ٿا جيڪي هن قدرتي نعمت کان محروم آهن.

SSP Thatho Dr Muhammad Imran

هن چيو ته اسان کي الله تعاليٰ جو شُڪر ڪرڻ گھرجي جو اسان هڪ زنده قوم آهيون ۽ آزاد مُلڪ ۾ زندگي گُذاري رهيا آهيون. هن چيو ته هي آزادي اسان کي آساني سان نه ملي پر آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي وڏڙن وڏي محنت ڪئي ۽ جان، مال، عزت سميت وڏيون قربانيون ڏنيون، اڄ اسان کي پنهنجي وڏڙن جي ڏنل قربانين کي ياد ڪرڻ گھرجي جن کي سلام پيش ٿا ڪريون جو سندن قربانين جي ڪري هي نعمت ملي. هن چيو ته هاڻ اسان تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين اسان هڪ مضبوط قوم بڻجون ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل به اسان کي سُٺي لفظن ۾ ياد ڪري سگھي. هن چيو ته هر هڪ اهو پاڪستاني جيڪو چاهي ڪهڙي به مذهب، فرقي، رنگ، نسل، ٻولي سان واسطو رکندڙ هُجي کين اهو طئه ڪرڻ گھرجي ته سڀ کان پهرين هو پاڪستاني آهن ۽ پاڪستاني هئڻ ناطي اسان تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته چاهي زندگي جي ڪهڙي به شعبي سان تعلق رکندا هُجون انفرادي توڙي اجتماعي طور تي هن مُلڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون. تقريب دوران ايس ايس پي عوام کي پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته هن آزدي واري ڏينهن تي خوشي ۽ جشن ملهائڻ دوارن ٻين جو به خيال رکندي اهڙي عمل کان پاسو ڪيو وڃِي جنهن سان ڪنهن جي دل آزري يا تڪليف ٿئي ۽ والدين تي به ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ٻارڙن کي خاص طور تي موٽرسائڪل يا ٻي گاڏين هلائڻ وقت ريس يا تيز اسپيڊ کان منع ڪن ته جيئن پنهنجو ۽ ٻين جو نقصان ٿيڻ کان بچي سگھجي، هن چيو ته ڪرونا جي هلندڙ چوٿين ۽ خطرناڪ لهر جي پيش نظر ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بنائيندي پاڻ کي پنهنجي پيارن کي محفوظ رکڻ لاءِ ويڪسين ضرور ڪرايو ته جيئن هن وباء کان جلد کان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھون. ان کان اڳ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ملي نغما، تقريرون ۽ نعت خواني پيش ڪئي وئي جڏهن ته اُستاد اشرف ۽ رحيم علي بلال جي اڳواڻي ۾ ڪراٽي شو پيش ڪندي خوب داد حاصل ڪيو ويو، جنهن تي ايس ايس پي سندن تعريف ڪندي چيو ته هتي جي ٻارڙن ۾ تمام گھڻيون صلاحيتون موجود آهن. بعد ۾ پوليس لائن گرائونڊ مڪلي جي احاطي ۾ ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيس جي سهڪار سان اي ڊي سي محمد حنيف پتافي، ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران خان، ڊي ايس پي جمع خان پنهور پاران ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جو آغاز پڻ ڪيو ويو. تقريب ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حنيف ميمڻ، ڊي ايس پي جعع خان پنهور، ڊي ايس پي سيد افتخار شاه، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نياز احمد ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو عبدالغفار شيخ، چيف ميونسپل آفيسر زاهد خواجه کان علاوه انفارميشن، روينيو، صحت، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، ٻيلو کاتو ۽ ٻين مختلف کاتن جي عملدارن، صحافين، استادن، شاگردن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو