پورهيت گرفتار پوليس پاران رشوت طلب، وارثن جو احتجاج

گمبٽ(ن سنڌيار)ڳوٺ محرم فقير سولنگي جي رهواسين فوجي فتح علي سولنگي، مظهر علي سولنگي، الهڏنو سولنگي،محمد يونس ،رسول بخش ، ارشاد علي، عابد، گلشير، ڪمالدين سولنگي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گمبٽ پوليس بناجواز اسان جي نوجوان پورهيت سعيد پٽ غلام سولنگي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي،  هنن ٻڌايو ته 6 ڏينهن اڳ سعيد سولنگي گمبٽ شهر ڀرسان سيٺ غلام شبير آرائين جي لوهه جي دڪان تي مزدوري ڪري رهيو هو ته ايس ايڇ او گمبٽ محمد نواز چاچڙ ،مددگار 15 گمبٽ جي انچارج احمد علي ڄامڙو، پوليس عملدار مٺل جوڻيجو ،سپاهي صدام لاڙڪ ۽ ٻين شبير آرائين جي دڪان تان سري عام سعيد سولنگي کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي،جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن، گمبٽ پوليس  سعيد کي آزاد ڪرڻ لاءِ 5 لک رشوت طلب ڪئي ، جن جي خلاف اسان گمبٽ جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته گمبٽ پوليس سعيد سميت اسان جي ٻين ماڻهن کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي رهي آهي، هنن  چيو ته هن وقت به گمبٽ پوليس اسان کان سعيد سولنگي جي آزاد ٿيڻ لاءِ لکين روپيه رشوت طلب ڪري رهي آهي، نه ڏيڻ تي سعيد سولنگي کي مختلف ٿاڻن تي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائي فل فراءِ ۽ هاف فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بي ڏوهه گرفتار ڪري گم ڪيل سعيد سولنگي کي بازياب ڪرائي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو