پورهيت جي پُٽ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو، خاندان ۾ سرهائي

اسلام ڪوٽ (صادق بجير) سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن پاران اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ نوجوان عاقب نائچ گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو. اسڪالرشپ ماڻيندڙ نوجوان سنڌ جي مشهور انجنيئرنگ يونيورسٽي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي جي مائننگ جي شعبي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. عاقب نائچ چئن سالن جي تعليم دوران 8 سيمسٽرن ۾ 3.98 سي جي پي اي حاصل ڪري ڪلاس جي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي جنهن بعد يونيورسٽي وائس چانسلر پاران سالياني ڪانووڪيشن دوران کيس گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. عاقب نائچ هڪ پورهيت جو پٽ آهي جيڪو واڍڪي جو ڪم ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو آهي. انهي موقعي تي اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ نوجوان پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ۽ ٿر فائونڊيشن پاران اسڪالرشپ ملي جنهن سان مون کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ اتساهه پڻ مليو. هن ڪمپني انتظاميا جو شڪريو ادا ڪيو آهي. ٿرفائونڊيشن جي جنرل مينيجر نصير ميمڻ چيو ته ٿرفائونڊيشن مختلف پروگرامن تحت سنڌ جي نوجوانن کي اسڪالرشپ ذريعي سندن صلاحيتون مڃرائڻ جو موقعو ڏيئي پئي  ان ڏس ۾ خاص طور تي ٿرپارڪر جي نوجوانن کي سوين اسڪالرشپس ڏنيون ويون آهن ۽ اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو. واضح رهي ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي ڪوئلي جي کوٽائي تي ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته ٿر فائونڊيشن بلاڪ ٽو سميت ٿرپارڪر ضلعي ۾ سماجي ڀلائي جا ڪم سر انجام ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ شاگردن کي اسڪالرشپون ڏيڻ پڻ شامل آهي. ٿرفائونڊيشن پاران ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي شعبي ۾ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ 150 کان مٿي شاگردن کي مڪمل اسڪالرشپ تي ايسوسي ايٽ انجنيئرنگ جي ڊگري لاءِ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جڏهن ته هڪ ٻئي پروگرام تحت 75 کان مٿي شاگردن کي مڪمل اسڪالرشپ ڏيئي چين ۾ 6 مهينن جي ڪورس تي اماڻيو ويو هو جنهن بعد انهن کي اينگرو پاور جين ٿر جي 660 ميگاواٽ پلانٽ تي ملازمتون پڻ ڏنيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو