پورهيت جا 4 پٽ ۽ نياڻي هڏن جي پُراسرار بيماري ۾ مبتلا

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ڳوٺ محمد حسن سمون جي رھواسي پورھيت محمد ھاشم سمون جا 4 پٽ حاجي، عبدالغفور، سڪندر، عبدالستار ۽ نياڻي ماروي  سميت ھڪ  گھر جا 5 ڀاتي ھڪ ئي بيماري ۾ ورتل آهن اٿڻ ويهڻ کان لاچار آهن پنج سالن کان ٻارڙا موضي مرض ۾ ورتل آهن. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پورهيت جو چوڻ هو ته مسڪين پورهيت آھيان وس آھر ٻارڙن جو علاج ڪرايو آهي فائدو نه ٿيو آهي. مٺي، بدين جي  ڊاڪٽرن ڪراچي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جو چيو آھي ڪراچي جي ڊاڪٽرن وڏو خرچ ٻڌايو آھي غريب پورهيت آھيان ڪراچي اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ جي سگھ نه آهي. وارثن سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو