پورهيت جا ٽي ٻارڙا ٿيليسميا ۾ مبتلا، علاج جي اپيل

ڪلوئي )غلام مصطفي نهڙيو )فارم واسي پورهيت عباس علي ڪلوئي جا ٽي ٻارڙا 11 سالن جو ثناء الله ڪلوئي 9 سالن جي عاليه ۽ 2 سالن جو ذڪاء الله رت جي کوٽ واري بيماري ٿيليسميا ۾ مبتلا ٿي وڃڻ سبب پورهيت مايوسي جو شڪار ٿي ويو آهي ميڊيا جي ٽيم پهتي ته پورهيت جي گهر تي ڇت پڻ موجود نه هئي ۽ سندس مالي حالتون انتهائي خراب هيون پورهيت هنجون هاريندي ٻڌايو ته هو انتهائي درجي جو غريب آهي سندس گهر ۾ جيڪو مال ملڪيت هو سو سڀ هن علاج ۽ ڀاڙن ۾ خرچ ڪري ڇڏيو آهي سندس ٽنهي ٻارڙن کي هر مهيني رت جون بوتلون لڳن ٿيون ھن دانهيو ته جيڪي به عزيز رشتيدار هئا انهن رت ڏيڻ ۽ وس آهر مالي سهائتا پڻ ڪئي پر لڳاتار هلندڙ علاج ۽ رت چڙهڻ واري سلسلي ۾ هو به آخر بيزار ٿي هٿ ڪڍي ويا آهن هن وڌيڪ دانهيو ته ساڳي گهر ۾ سندس والده آهي جيڪا پڻ بيماري ۾ مبتلا هجڻ سبب سندس صرف هڪ مهيني اندر 20 هزار جون ٽيسٽون ۽ 35 کان 40 هزار جي دوا تي خرچ اچي رهيو آهي ۽ گهر واريءَ جي پيٽ ۾ چوٿون ٻار آهي جيڪو پڻ رپورٽن مان پتو پيو ته ساڳي ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهي هن دانهيو ته لاڪ ڊائون سبب ڪابه مزدوري نه هجڻ ۽ گهر جا چار ڀاتي بيمارين ۾ مبتلا هجڻ ڪري سندس گهر جو چلهو اڪثر اجهيل رهي ٿو ۽ معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن پورهيت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ا۽ سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس مالي سهائتا ڪري سندس ٻچن جي حياتي بچائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو