پهرين ۽ آخري ترجيع شڪارپور ۾ امن قام ڪرڻ آهي، تنيو

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) ايس ايس پي شڪارپور تنوير حسين تنيو چيو آهي ته منهنجي پهرين ۽ آخري ترجيح شڪارپور ۾ امن ڪرائڻ آهي ۽ ان ترجيح جو هڪ بنيادي سبب اهو به آهي ته آنءُ خود هن تر سان تعلق رکان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته پنهنجي حصي جو ڏيئو ٻاري ڏوهن ۽ ڏوهارين مان خلق کي نجات ڏياريان، اھڙن خيالن جو اظهار ھن شڪارپور پريس ڪلب پھچي ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي شڪارپور پريس ڪلب جي صدر سوڍو جيمس، جنرل سيڪريٽري رحيم بخش جمالي پاران ايس ايس پي شڪارپور جي آجيان ڪندي کيس سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ هتي ڏوهارين جي ته گهڻ رخي مالڪي، وارثي ۽ سفارش ٿئي ٿي پر بدامنيءَ جي ور چڙهيل ماڻهن جو ڪو ڌڻي سائين نه آهي، موٽرسائيڪل چوري ٿئي يا ڪنهن گهر مان چور مينهن ڪاهي وڃن مطلب ته متاثر غريب ۽ مسڪين ماڻهو ٿئي ٿو اسان وٽ عوام کي جيترو آزاريو وڃي ٿو ان جي ڀيٽ ۾ داد رسي هڪ سيڪڙو به نه آهي، افسوس جهڙي ڳالھ آهي جو بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ڪجھ ميڊيا جا ماڻهو ڏوهارين کي زبردست ڪوريج ڏئي رهيا آهن جنهن سان عام ماڻهن يا معصوم ٻارڙن کي ڪو مثبت نياپو نه ٿو ملي ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ڏوهارين کي هيرو ڪري پيش ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ايس ايس پي شڪارپور جو اهو به چوڻ هو ته ڌاڙيلن جي مارجڻ جي حق ۾ نه آهيان پر جهنگل تيغاڻيءَ سميت جيڪي به ڏوهاري پوليس مقابلن ۾ مارجي ويا آهن يا زخمي ٿيا آهن ان تي خلق ۾ سرهائي ڏٺي ۽ محسوس ڪئي وئي آهي جهنگل تيغاڻي يا ٻيا ڏوهاري پوليس وٽ پيش پون ها ته اڄ زنده هجن ها، ھن چيو تہ قبيلائي جهيڙن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ غير قانوني هٿيارن خلاف حڪمت عمليءَ سان ڪم ڪري رهيا آهيون ڀنگ لاءِ اغوا وارن واقعن ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائيءَ کي يقيني بڻائي ڇڏيو آهي، منهنجي ڪوشش اها آهي ته جڏهن آنءُ شڪارپور مان وڃان ته ان کي سنڌ جو سڀ کان پرامن شهر بڻائي وڃان تبديلي يڪدم نه ايندي آهي منهنجي ٻن اڍائي مهينن ۾ جيڪڏهن 10 سيڪڙو بدامني گهٽي آهي ته ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ 10/20 سيڪڙو اڃان وڌيڪ گهٽبي، ماڻهن جا ٻن قسمن جا مسئلا ٿين ٿا هڪڙا ذاتي ٻيا اجتماعي منهنجي ڪوشش آهي ته ذاتي مسئلن سان گڏوگڏ عوام جي اجتماعي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏيان اسان وٽ قبيلائي جهيڙن جي آڙ ۾ به ڏوھ ٿين ٿا ڌرين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيڻ لاء ڪوششون ڪري رهيا آهيون، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ايس ايس پي آگاهي ڏني ته شهيد سول ٽريڪر حسيب شيخ جي والد کي سنڌ پوليس پاران 25 لک رپيا ڏنا ويا آهن ۽ 50 لک رپيا سنڌ سرڪار پاران ڏنو ويندو شهيد پوليس اهلڪارن منور علي جتوئي ۽ عبدالخالق سولنگيءَ جي وارثن کي هڪ هڪ ڪروڙ ڏنو ويندو، ان موقعي تي شڪارپور پريس ڪلب جي صدر سوڍو جيمس ايس ايس پي شڪارپور کي آجياڻو ڏيندي چيو تہ جهڙيءَ ريت آفيسرن ۽ پوليس لاءِ شڪارپور ضلعو ڏکيو آهي ساڳيءَ طرح سان ان ضلعي ۾ پيشوراڻيون صحافتي ذميواريون نڀائڻ به ڪنهن للڪار کان گهٽ نه آهي، ان موقعي تي شڪارپور پريس ڪلب جا عھديدار توڙي ميمبر موجود ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو