پهرين ڊسمبر کان اڍائي مهينن لاءِ سي اين جي بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪابينا جي توانائي ڪميٽي سياري لاءِ گئس لوڊ مئنيجمينٽ پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ڪابينا جي انرجي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي مسلسل فراهمي جي لاءِ سي اين جي ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽس جي گيس بند ڪئي ويندي جڏهن ته برآمدي صنعتن ۽ ڀاڻ جي ڪارخانن کي گيس جي فراهمي جاري رهندي. منصوبابندي واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پيٽروليم ڊويزن کي سياري ۾ گئس جي طلب ۽ رسد جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سياري ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي. اعلان موجب ڪيپٽو پاور پلانٽس مان گئس گهريلو صارفين ڏانهن منتقل ڪئي ويندي ۽ سي اين جي سيڪٽر کي گيس جي فراهمي ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. جڏهن ته ذريعن موجب سي اين جي سيڪٽر پهرين ڊسمبر کان اڍائي کان ٻن مهينن لاءِ بند رکڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو