پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جي بنگلاديش کي شڪست

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)پاڪستان بنگلاديش کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سنسني خيز مقابلي بعد 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 128 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، پاڪستان هدف 6 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڍاڪا ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو مددگار ثابت نه ٿيو. پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪندي بنگلاديش کي مقرر 20 اوورن ۾ 127 رنسن تائين محدود ڪري ڇڏيو. بنگلاديش خلاف پاڪستان جي پهرين وڪيٽ پاڪستاني بالر حسن علي ورتي جنهن کانپوءِ بنگلاديشي رانديگرن جون وڪيٽون ڪرڻ شروع ٿي ويون ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو رانديگر پويلين موٽي ويا. پاڪستان طرفان حسن علي 3، محمد وسيم جونيئر 2 جڏهن ته محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو