پنو عاقل ۾ پر اسرار ڌماڪو موٽر سائيڪل سوار زخمي

پنوعاقل (سنتوش ڪمار ) قومي شاهراهه تي چونگھا چوڪ ڀرسان پراسرار نموني زوردار ڌماڪو ٿيو جنھن ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان محڪم الدين مھر زخمي ٿي پيو جنھن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو جتان بعد ۾ سي ايم ايڇ ريفر ڪيو ويو . زخمي موجب اچانڪ ڌماڪو ٿيو کيس سمجهه ۾ ئي نه آيو ته ڇا ٿي ويو. حادثي واري جاءِ تي موجود عيني شاھدن موجب صبح ڌاري حساس اداري جي گاڏي جي گذر کانپوءِ موٽرسائيڪل سوار ٻن اڻسڃاتل ماسڪ پاتل ھمراھن ڪجھه اڇليو جنھن کانپوءِ زوردار ڌماڪو ٿيو جنھن ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان زخمي ٿي پيو جڏھن ته گھوٽڪي طرف ويندڙ حساس اداري جي گاڏي چونگھا چوڪ وٽ بريڪ ڏيڻ بعد وري گھوٽڪي طرف رواني ٿي وئي، ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي وئي جنھن کانپوءِ سکر بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٽيم ۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون  ، رينجرز سميت حساس ادارن جا اهلڪار به واقعي واري ھنڌ تي پھتا ۽ معائنو ڪرڻ کانپوءِ واپس روانا ٿي ويا  ايس ايس پي سکر عرفان سمون ٻڌايو ته معاملي جو جاچ ڪري رھيا آهيون في الوقت ڪجھه نٿا ٻڌائي سگھون.

پهنجو تبصرو موڪليو