پنوعاقل ۽ شهداد ڪوٽ ۾ روڊ حادثن ۾ 2 فوت 3 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) پنوعاقل ۽ شهداد ڪوٽ ۾ پيش آيل ٻن روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب قومي شاهراه تي ماڪا ڳوٺ ڀرسان تيز رفتار ٽرڪ اسڪول ويندڙ شاگردن جي موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي جنھن سبب ستين ڪلاس جو شاگرد عبدالسلام جسڪاڻي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو . جڏهن ته ان سان گڏ ٻھ ٻارڙا عبدالغفور ۽ ڪوثر سخت زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتان زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو ويو . ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو بائجي پوليس ٽرڪ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.***شهدادڪوٽ مان شاهد اعواڻ موجب شهر ڀرسان قومي شاهراه ڀانڊڙي وانڊ وٽ ٽرڪ کان اور ٽيڪ ڪندي ٻن ٽريڪٽر ٽرالين ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نيتجي ۾ هڪ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي هيٺان اچي سيد شمشاد شاه چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏهن ڊرائيور ديدار علي جمالي سخت زخمي ٿي پيو جن کي رستي ويندڙ شهدادڪوٽ اسپتال کڻائي فرسٽ ايڊ بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هوڏانهن فوتي جو لاش اوچتو گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو