پنوعاقل، اوٻاوڙو ۽ سيٺارجا ۾ روڊ حادثا 1 فوت 5 زخمي

پنوعاقل/ سيٺارجا/ ڏهرڪي (سنتوش ڪمار، وجي ڪمار ۽ سجاد علي ڪٻر) قومي شاهراه تي دادلوءِ وٽ ويگن جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، موٽر سائيڪل سوار پ پ پ شھيد ڀٽو سکر جي صدر جو ڀاءُ ميھوال ڪورائي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي طبي امداد ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو ويو، ھوڏانھن ڇانوڻي جي وي آئي پي گيٽ وٽ گھوٽڪي کان سکر طرف ويندڙ موٽرسائيڪل کي ڪار جو ٽڪر، موٽرسائيڪل سوار گھوٽڪي جي علائقي ڳوٺ مٺڙي جا رھواسي گلفراز ۽ صدام سخت زخمي ٿي پيا جن کي پڻ طبي امداد ڏيڻ بعد سکر ريفر ڪيو ويو.***مينگهو  فقير روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون زور دار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ مٽ جو رهواسي صدام  حسين ولد اوڀايو شر ۽ اسد شر سخت زخمي ٿي پيا جنهن کي زخمي حالت ۾ ٺري ميرواه اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن صدام حسين شر  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، ميرواهه پوليس موٽر سائيڪلن کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.*** اوٻاوڙو ٽول پلازا وٽ پنجاب ويندڙ مهراڻ ڪار سان حادثو هڪ ڄڻو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو