پنهور بروهي تڪرار 4 فوتين جي جي تدفين، علائقي ۾ خوف

مدئجي(ن سنڌيار)بروهي ۽ پنهور برادرين ۾ ستن سالن کان هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، تڪرار تان قتل ٿي ويلن 4 ڄڻن جي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. مقتول منظور بروهي، ابراهيم ۽ محمد شريف جي تدفين سندن اباڻي ڳوٺ عيدن بروهي ۾ ڪئي وئي جڏهن ته رياض بروهي جو مڙهه ڳوٺ محمد مراد بروهي ۾ دفنايو ويو آهي. ٻئي پاسي ڊي ايس پي مدئجي عبدالواحد ٻرڙو ۽ ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين شاھ جان شاھ جي اڳواڻي ۾  مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳاهيجا، امروٽ، تاجوديرو، ڊکڻ، ڳڙهي ياسين، ويهه ميل سوڌو ڳوٺ پنهور پليجا تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي.

Photo Sindhyar

پوليس گهر گهر تلاشي ورتي، جنهن بعد پوليس شڪ جي بنياد تي 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري  اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس ڪارروائي دوران 5 کان مٿي موٽرسائيڪلون به ڪاهي وئي. ابراهيم بروهي جي والد جو چوڻ آهي ته اسانجا نوجوان مڇي جي تلاءِ تي ويٺا هئا ته مٿن حملو ڪيو ويو. 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا هئا هڪ اسپتال ۾ فوت ٿيو، چئني جو چانڊڪا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. علائقي ۾ خوف جو ماحول آهي. هن مهل تائين تڪرار ۾ 8 خون ٿي چڪا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو