پنج ڏينهن اڳ ڦر دوران زخمي هندو نوجوان فوت

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) گهوٽڪي ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ باءِ پاس تان ڦر دوران ڦورن هٿان زخمي ٿيل نوجوان اسپتال ۾ فوت وارثن جو لاش رکي ڌرڻو ٽريفڪ جام ٿي وئي.گھوٽڪي ۾ پنج ڏينھن اڳ گھوٽڪي باء پاس تي ڦر دوران زخمي ٿيل ويل نوجوان پرڪاش ڪمار زخمن جا سور نه سھندي سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو واقعي کان پوءِ مقتول جي وارثن گهوٽڪي مين چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو جنهن بعد ڌرڻي سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي ان موقعي تي مظاھرين دانھنيدي چيو ته پنج ڏينھن اڳ اسان جي نوجوان کي پنجو باغ روڊ تي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو هو جيڪو اڄ فوت ٿي ويو آھي پر اي سيڪشن پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي آھي جنهن بعد ايس ايڇ او گهوٽڪي  جي حڪم تي اي ايس آء  مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو