ڀارتي چونڊ جو پنجون مرحلو مڪمل، پولنگ ختم

نئين دلي(م ڊ) ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي 543 سيٽن لاءِ اڄ سومر کان پنجين مرحلي جو چونڊ عمل مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 7 رياستن جي 51 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي. ڪانگريس ۽ بي جي پي اڳواڻن جا هڪ ٻئي تي قانون جي خلاف وارزي جا الزام. پولنگ صبح 7 وڳي کان شام 6 وڳي مقامي وقت تائين جاري رهي. ڪانگريس جي ليڊر راهول گانڌي ۽ سونيا گانڌي، بي جي پي جو راج ناٿ پرتاپ سنگهه اڄ ميدان ۾ آهن. اتر پرديش ۽ جئي پور ۾ اهم شخصيتن ووٽ صبح سوير ڪاسٽ ڪيا. ڏهين وڳي تائين ووٽنگ جي شرح گهٽ رهي پر شام جو شرح ۾ اضافو ڏٺو ويو. لکنو جي اميٺي واري سيٽ تان راهول اليڪشن وڙهي پيو. راج ناٿ واري سيٽ 7 ڀيرا ماضي ۾ بي جي پي کٽي چڪي آهي پر هاڻي سندن لاءِ خطرو آهي. انڊيا جنهن کي دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت سمجهو ويندو آهي، هڪ ارب 30 ڪروڙ آبادي واري هن ملڪ ۾ تقريبا 90 ڪروڙ اهل ووٽر آهن. ڀارت ۾ هلندڙ 7 مرحلن واري عام چونڊ 19 مئي تي ختم ٿيندي ۽ 23 مئي تي ووٽن جي ڳڻپ شروع ٿيندي. ياد رهي ته چوٿين مرحلي ۾ 9 رياستن ۾ 72 سيٽن لاءِ پولنگ ٿي چڪي آهي. جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ 13 رياستن ۽ 2 يونين جي 117 سيٽن لاءِ چونڊ عمل ٿيوهو، جنهن ۾ 18 ڪروڙ 80 لک ووٽر مان 60 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ووٽ ڪاسٽ ٿيا هئا. پهرين مرحلي ۾ ڀارت جي 20 رياستن جي 91 سيٽن ۽ ٻئي مرحلي ۾ 12 رياستن جي 95 سيٽن لاءِ پولنگ مڪمل ٿي چڪي آهي. اڄ پنجين مرحلي جي پولنگ بعد ڀارت جي 543 لوڪ سڀا جي ڪل سيٽن جي 426 سيٽن لاءِ چونڊ عمل مڪمل ٿي ويندو ۽ ايندڙ ٻن مرحلن ۾ اڃا 117 سيٽن لاءِ پولنگ ٿيڻي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو