پنجاب پوليس جو ڇاپو، 9 سالن جو نينگر کنڀڻ جي ڪوشش

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) پنجاب جي علائقي بهاولپور جي پوليس 3 ڪرولا گاڏين ۾ سوار بهاولپور ٿاڻي جي اي ايس آءِ محمد سليم جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي علائقي پير پاڙي ۾ ٽنڊو محمد خان جي روينيو کاتي جي اسسٽنٽ غلام فاروق ڀٽي جي گهر اندر داخل ٿي سندس 9 ورهين جي پٽ عمر فاروق ڀٽي کي کنڀي پاڻ سان گڏ بهاولپور رواني ٿي ويئي آهي ،نينگر جي پيءُ غلام فاروق ڀٽي پاران حيدرآباد بدين روڊ تي پنجاب کان آيل پوليس جي هڪ گاڏي کي روڪي پوليس اهلڪارن سان مزاحمت ڪئي ۽ سندس پٽ بابت پڇاڻو ڪيو ته منهنجو پٽ ڪٿي آهي ان موقعي تي بهاولپور پوليس جي اهلڪارن کيس ٻڌايو ته سندس گهر واري پنجاب هاءِ ڪورٽ اوهان خلاف پٽيشن داخل ڪئي آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته منهنجو 9 سالن جي معصوم پٽ عمر فاروق کي سندس پيءُ زبردستي پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي ، اسان عدالتي حڪم تي اهڙي ڪاروائي عمل هيٺ آندي آهي ، جنهن بعد ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سٽي پنجاب پوليس ۽ روينيو ملازم کي سٽي ٿاڻي تي وٺي آئي جتي 5 ڪلاڪن جي طويل ڳالهين بعد ٽنڊو محمد خان پوليس معاملي کي رفادفا ڪري پنجاب پوليس کي روانو ڪري غلام فاروق ڀٽي کي ڇڏي ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو