پنجاب واسي کان ڦر، پوليس جا حدبندي جا چڪر

ڀرياسٽي (شمشاد علي منگي)قومي شاهراهه تي دالي موري لڳ ڪراچي کان موٽر سائيڪل تي پنجاب جي علائقي علي پور ويندڙ پورهيت پرويز پٽ حضور بخش ملڪ کان ٽي اڻڄاتل هٿيار بندن ڏينهن ڏٺي جو زبردستي بيهاري نئي سي ڊي 70 ماڊل 2016 ، ڏهه هزار روڪ رقم ۽ قيمتي سامان، موبائيل فون ۽ ٻيا ضروري ڪاغذات ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ متاثر پورهيت پرويز ملڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته مان ڪراچي ۾ پورهيو ڪندو آهيان.لاڪ ڊائون سبب روزگار بند ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ علي پور مظفر ڳڙهه وڃي رهيو هيس ته اوهانجي علائقي ۾ ڦرجي ويس. مون اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن چيو ته ڪنڊيارو ٿاڻي تي وڃو. جڏهن ته ڪنڊيارو پوليس چيو ته اسان جي حد ناهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مقامي نيڪ مرد رائو صغير احمد منهنجي مالي مدد ڪري پنهنجي اباڻي شهر ڏانهن روانو ڪيو. هن چيو ته مان غريب آهيان پوليس ڦريل سامان واپس ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو