پنجاب واسي نامعلوم شخص جو ٿر مان لاش هٿ

نئون ڪوٽ (پيار علي نهڙيو ( ڳوٺ مالا ڀنڌو ڀرسان جهنگ مان اڌڙوٽ عمر جي ڏاڙهي واري شخص جو ڪپڙن کان آجو ٻه ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي. لاش پراڻو هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي اطلاع تي وڄوٽو پوليس لاش مٺي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب پوسٽ مارٽم بعد لاش امانت طور دفنايو ويندو. سندس ڪپڙا ڀر ۾ پيل هئا. پوليس موجب ڪپڙن وٽان هڪ ننڍي قينچي پڻ ملي آھي جنهن سان فوتي جا ڪپڙا ڪٽيل آھن ۽ ڳوٿري مان نماز وارو مصلو ۽ ڪجهه ڪاغذ ۽ هڪ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ ان تي هڪ فون نمبر پڻ لکيل مليو . پوليس ان نمبر تي رابطو ڪيو ته فون نمبر ڪاشف شھزاد ولد اختر جيڪو  مظفر گڙھ جو رهواسي آهي ان جو نڪتو ۽ هن چيو ته آئون پنجاب ۾ زندهه آھيان خبر ناهي ڄاڻايل شخص وٽ منهنجو فون نمبر ۽ شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ڪيئن لاش جي ڪپڙن مان ملي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو