پنجاب مان چوهاڻ فارغ، فردوس عاشق معاون مقرر

لاهور ( بيورو رپورٽ) پنجاب جَي سُڌ سماء وارَي وزير فياض الحسن چوهاڻ سميت ٽن وزيرن کي عهدن تان هٽايو ويو. فردوس عاشق اعواڻ کي پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص معاون مقرر ڪيو ويو. فياض الحسن چوهاڻ کان سُڌ سماءَ وارو کاتو واپس ورتو ويو، هاڻي هُو رڳو ڪالونيز جو وزير هوندو، پنجاب جي جيلز بابت وزير زوار حسين وڙائچ ۽ ڪوآپريٽو واري وزير مهر محمد اسلم کي به هٽايو ويو آهي. ياد رهي ته چوهاڻ کي مارچ 2019 ۾ مودي خلاف تنقيد دوران هندن خلاف بدڪلامي تي هٽايو ويو هو وري ڊسمبر 2019 ۾ کيس واپس مقرر ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو