پنجاب جي ڄڃ جي گاڏي سان پنون عاقل ۾ حادثو 7 زخمي

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) پنجاب جي علائقن فتح جهنگ کان ڄڃ سان گڏ نوابشاهه ويندڙ ڪار سانگي ويجهو تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت ست ڄڻا زخمي ٿي پيا جنهن کي طبي امداد لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ محمد احسان، عنصر اقبال، انوار حسين، ابوبڪر، محمد علي، سيد اسرار، ۽ فاروق شامل هئا جن جو تعلق پنجاب جي شهر فتح جنگ سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي کيس بارات سان گڏ پنجاب جي شهر فتح جنگ کان نوابشاهه وڃي رهيا هئا ته کيس حادثو پيش آيو، زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد روانو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو