پنجاب جو گرفتار وزير مستعفي،10 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور(م ڊ) نيب تحريڪ انصاف جي پنجاب جي وزير سبطين خان جو مبينه بدعنواني ڪيس ۾ 10 ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ هو جنگلي جيوت ۽ ٻيلن جو وزير هو پر هن تي الزام 2007 دوران جڏهن هو معدنيات جو وزير هو ان دور بابت آهي. نيب موجب هن 500 ٽن خام لوهه ڪڏڻ جو اربين روپين جو ٺيڪو بنا ٽينڊر جي خلاف قانون من پسند ڪمپني ارٿ ريسورس کي ڏنو. جنهن کي ان شعبي جو ڪو تجربو نه هو. هنکي ڪالهه نيب گرفتار ڪيو هو ۽ اڄ هن وزيراعليٰ بوزدار کي استعيفيٰ ڏياري موڪلي جيڪا هن منظور ڪندي چيو ته هو ميرٽ تي ڪيس کي منهن ڏيندو. مبصرن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي تحريڪ انصاف جي حاضر سروس وزير جي گرفتاري سبب پيپلز پارٽي کي تنقيد جو موقعو گهٽ ملندو ۽ مٿن اخلاق دٻاءُ وڌندو ته هنن جا به گرفتار وزير استعيفيٰ ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو