پليجو پاران 4 نومبر کان لانگ مارچ جو اعلان

حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ 4 نومبر کان سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف ڪنڌ ڪوٽ کان ڪراچي تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي. پارٽي ترجمان اشرف پليجو موجب لانگ مارچ شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي کان ٿيندو، مورو، نوابشاهه، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، گولاڙچي، سجاول، ٺٽو کان ٿيندو 8 نومبر تي ڪراچي پهچندو. جتي اڳواڻ خطاب ڪندا. هن بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي قبضا ڪرڻ خلاف ڪراچي ڪميٽي ذريعي سنڌ ٽوڙي وفاق ۽ دھشتگردن حوالي ڪرڻ نه ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو