پشين ويندڙ ويگن سان حادثو 3 فوت 12 زخمي

ڪوئٽا(ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا کان پشين ويندڙ مسافر ويگن سان حادثو پيش اچڻ سبب 3 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 12 ٻيا زخمي ٿي پيا. ليويز پوليس موقعي تي پھچي زخمين ۽ لاش کڻائي ڪوئيٽا سول اسپتال پھچايا ويا. ويگن جو اڳيون ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽيون کائيندي کڏ ۾ ڪري پئي.جنھن جي ڪري 3 مسافر دٻجي فوت ٿي ويا فوتين ۾ 12سالن جو عمران، زينب بيبي ۽ عبدالجان شامل آھن  جڏھن ته 12 مسافر سخت زخمي ٿي پيا جن ۾ 3مسافرن جي حالت ڳڻتي جو ڳي ٻڌائي وڃي ٿي. جڏھن ته فوتي مسافرن جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ھوڏانھن سول اسپتال ڪوئيٽا جي ايم ايس ڊاڪٽر فضل الرحمان بگٽي مطابق سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ ليويز پوليس 10مسافرن کي زخمي حالت ۾ کڻي آيا  جن کي اسپتال جي مختلف وارڊن ۾ رکيو ويو جن جو علاج شروع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو