پشاور زلمي، اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان سپر ليگ فور يعني پي ايس ايل 4 جي آخري مرحلي ۾ اڄ ڪراچي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيل اهم ميچ ۾ پشاور زلمي اسلام آباد کي 48 رنز تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي. پشاور زلمي پهرين بيٽنگ ڪندي 214 رنز ٺاهي اسلام آباد کي 215 رنز جو ٽارگٽ ڏنو. پر اسلام آباد جي سڄي ٽيم 9 وڪيٽ تي 166 رنسون ٺاهي سگھي، شاداب جڏهن بيٽنگ لاء آيو ته هن سترهون اوور سڄو کيڏيو جيڪو ميڊن اوور رهيو ۽ اهو ريڪارڊ بڻجي ويو سڄي ٽورنامنٽ جو. پشاور زلمي هاڻي ڪوئٽا گليڊيئٽر سان آچر تي فائنل کيڏندي. اسلام آباد ٽورنامينٽ ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو. ڪالهه ڪراچي ڪنگز  ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ  ۾ مقابلو ٿيو هو جيڪو اسلام آباد کٽي وئي. 17.2 اوورز ۾ اسلام آباد ٽارگٽ پورو ڪيو. بابر اعظم چار ڪيچ پڪڙيا ۽ ٻه اهم ڪيچ ڊراپ ڪيا، عامر آخري ٻن اوورز ۾ ڪافي رنز ڏنيون. ڪراچي ٽيم بيٽنگ جي شاندار شروعات ڪئي پر بعد ۾ بدتر ڪارڪردگي سبب آئوٽ ٿي وئي.ڪولن منرو اسلام آباد جي بالرز جي چال ئي خراب ڪري ڇڏي. ڪراچي ڪنگز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي 161 رنسون ٺاهيون. هن کان اڳ جونٽي روڊز پچ رپورٽ تبصري ۾ چيو هو ته اڄ جيڪا ٽيم ٽاس کٽندي اها بيٽنگ ڪندي ته فائدي ۾ رهندي، پر نتيجو ابتو نڪتو. ياد رهي تو ڪلهه ڪوئٽا گليڊيئٽر پشاور زلمي کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي هئي. پهريون بيٽنگ ڪندي ڪوئٽا جي ٽيم پشاور لاء 187 رنز جو ٽارگٽ ڏنو، جڏهن ته پشاور زلمي جي ستن وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهي سگھي. هاڻي  پهرين مقابلي ۾ هارائيندڙ ٽيم پشاور زلمي جو مقابلو اسلام آباد يونائيٽيڊ سان ٿيندو. جيڪا ٽيم کٽندي ان جو مقابلو ڪوئٽا سان فائنل ۾ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو