پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو قتل، وارثن جو احتجاج

ٺٽو/ دڙو(نمائندن وٽان) پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ سندن مائٽن احتجاج ڪيو. 2 سال اڳ پيار جي پرڻي بعد 10 ڏينهن اڳ ٺٽي هاء اسڪول روڊ تي هٿياربندن هٿان ڪار ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيل نوجوان الهڏنو پليجو ۽ سندس گهرواري گُل ضميران مسڻ جي وارثن ۽ پليجا برادري پاران مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. نوجوان جي وارثن والد سومار پليجو، ڪيس جي فريادي هارون رشيد پليجو، ممتاز پليجو،آدم پليجو، گل حسن پليجو، ابراھيم   پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي جامع مسجد کان مين رڪشا اسٽاپ تائين ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته ٻٽي قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن مان ٺٽو پوليس صرف ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جڏھن ته مک ٽي جوابدارن آزاد گھمي رھيا آھن، جن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن چيو ته 2 سال اڳ اسان جي نوجوان الهڏنو پليجو ٺٽي جي رهواسڻ گل ضميران مسڻ سان پرڻو ڪيو هو، ۽ هاءِ ڪورٽ پاران کين تحفظ ڏيارڻ جو پوليس کي حڪم مليل هو، ان ھوندي به گل ضميران مسڻ جي وارثن ۽ بااثرن منصوبابندي ڪري دوکي سان 10 ڏينهن اڳ اسان جي نوجوان ۽ سندس گھرواري کي ٺٽي گُهرائي بي رحماڻي نموني قتل ڪيو آھي. احتجاج جي موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان مظاھرين وٽ پھچي رھيل سمورن جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو. هوڏانهن دڙو مان شوڪت ميمڻ موجب مظاهري ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن به شرڪت ڪئي. متاثرن چيو ته اصل جوابدار درگاه مسڻ جو گادي نشين علي دوست مسڻ سميت مک جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هنن چيو ته انصاف نه مليو ته سي ايم ھائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو ھڻنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو