پسند جي شادي ڪرڻ ڏوه بڻجي ويو

اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند) اوٻاوڙو پسند جي شادي ڪرڻ ڏوه بڻجي ويو ميرپورماٿيلو جو پريمي جوڙو ٻن سالن کان در در جون ٽوڪرون کائڻ تي مجبور ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارن کان نوٽس وٺي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي مسمات صاحبي پهنجي مڙس گلشير سان گڏ ميڊيا آفيس پهچي دانهيندي ٻڌايو آهي ته پسند جي شادي ڪرڻ ڏوه بڻجي ويو آهي اسان ٻنهي رضا خوشي سان ٻه سال اڳ پسند جي شادي ڪئي آهي اسان جا مائٽ اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن اسان راڄوڻي فيصلي بعد ڇه لک روپيه جرڳو به ادا ڪيو آهي تنهن هوندي به اسان کي مارڻ لاء پلان جوڙيو ويو آهي گزريل ڏينهن اسان ٻيئي زال مڙس سيد گدا شاه جي مزار تي زيارت لاء وڃي رهيا هئاسين ته حسن شر ۽ چئن ٻين نامعلوم ماڻهن اسان تي حملو ڪري اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسانجي دانهن تي علائقي واسين پهچي اسانکي بچائي ورتو ان بعد اسان ٿاڻو ٻيلو ميرپور ماٿيلو وياسين ته اتي موجود پوليس اهلڪارن حملي آورن کي پڪڙڻ جي بجائي اسان ٻنهي زال مڙس کي ڌمڪيون ڏيندي ڌڪاڏيئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو اسان ٻنهي زال مڙس جي جانن کي خطرو آهي اسان جو ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل آهي ته حملي آورن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو