پسند جي شادي نه ٿيڻ تي خودڪشي، باهه واقعو ۽ طبي ڪيمپ

پنوعاقل (رپورٽ سنتوش ڪمار) دادلوءِ لڳ ڳوٺ موليڏنو ميربحر جي رهواسي 22 سالن جي نوجوان امام بخش ولد محمد عثمان ميربحر گهرو اڻبڻت تان پاڻ کي بندوق جو فائرهڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. نوجوان کي ترت علاج لاءِ تعلقہ اسپتال پنوعاقل آندو ويو جتان زخمي نوجوان کي ترت علاج مهيا ڪرڻ بعد سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي جي رپورٽ حد جي ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. سندس مائٽن جو چوڻ آهي ته نوجوان پسند جي شادي نہ ٿيڻ تي خودڪشي ڪئي.

هوڏانهن سانول چوڪ تي پراڻي نيشنل بينڪ جي بلڊنگ جي چارديواري اندر پيل گندگي جي ڍير کي اوچتو باه لڳي وئي، جنهن سبب بجلي جون تارون سڙي ويون، شهرين پاران وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ  پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته شهرين پاران فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو، جيڪي هِڪ ڪلاڪ گذرڻ بعد پهتا ۽ باهه تي ضابطو آڻي ڀر وارن دوڪانن کي نقصان کان بچائي ورتو.

ٻئي پاسي يونين ڪائونسل نوراجا جي ڳوٺ خان شاھ ۾ ڀٽو ويلفيئر آرگنائيزيشن جي طرفان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ھڏن، جوڙن، چمڙي، دماغي ۽ ٻين بيمارين جي مريضن کي چڪاس بعد مفت دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ڀٽو ويلفيئر آرگنائيزيشن پنوعاقل جي صدر ممتاز خان ڀٽو چيو ته بي ڊبليو او سنڌ جي صدر عبدالمجيد ڀٽو جي ھدايت تي غريب بي پھچ ماڻهن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي وئي. جنهن ۾ ڪچي پڪي جي ڪيترن ئي ڳوٺن کان ماڻهن پهچي علاج ڪرايو آهي. هن ٻڌايو ته تقريبن پنج سئو کان وڌيڪ مريضن پهچي پنهنجي بيماري جو مفت معائنو ڪرايو. هن چيو ته غريب عوام جي خدمت ڪرڻ سان کين دلي سڪون ملي ٿو. مفت ميڊيڪل ڪيمپ ۾ صدام حسين ڀٽو، مجيب الرحمٰن ڀٽو، جمال عبدالناصر ڀٽو، راجا رحيم ڀٽو، ظهير احمد ڀٽو، شفيق ڀٽو پڻ سهڪار ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جي صدر حاجي انورخان مهر ميڊيڪل ڪيمپ جو دورو پڻ ڪيو ۽ چيائين ته ڀٽو ويلفيئر آرگنائيزيشن جس لهڻي جن پسماندھ علائقي ۾ مريضن جي علاج لاءِ اهڙي قسم جو بهترين ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته زندگي جو اصل مقصد انسانیت جي خدمت ڪرڻ آهي. پ پ پنوعاقل جو صدر ميان عبدالقوي، پ پ ضلعي جو رابطا سيڪريٽري لياقت علي خالدي ۽ ٻيا پڻ حاجي انور مهر سان گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو