پسند جي شادي جوڙي کي تحفظ لاءِ عدالت پاران رپورٽ طلب

نوشھروفيروز)مشتاق حسين مري) ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمان شاھ جي عدالت ۾ پڊعيدن جي رهواسڻ درخواستگذار مسمات ڪوثر راڄپر ايڊوڪيٽ سيد زاھد علي شاھ جي معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مون شريعت محمدي مطابق عبدالستار راڄپر سان ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ پيارجو پرڻو ڪيو آھي ان بعد منهنجا مائٽ اصغر علي راڄپر، گلزار راڄپر، محمد حنيف راڄپر، پوليس اهلڪار ساجد علي، اڪبر راڄپر ۽ ٻيا اسان زال مڙس جي جان جا دشمن بڻجي ويا آھن موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ چاھين ٿا ان لا۽ اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ته جيئن آزاد زندگي گذاري سگهون, عدالت ايس ايس پي نوشھروفيروز کان تحفظ ڏيڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو