پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش،احتاج

داد لغاري (رپورٽ نديم مھر) ڳوٺ گل محمد لغاري مان 8 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي شبانه لغاري کي اغوا ڪرڻ لاءِ برداري جي هٿياربندن جي سندس گھر تي حملو ڪري ڏنو جڏهن ته حملي وقت ناري شبانه لغاري پاڻ بچائڻ جون دانهون ڪيون ته هٿياربندن مٿس سخت تشدد ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو. جنهن بعد جوڙو پاڙي وارن جي گھر ۾ لڪي پنهجي جان بچائي. اهڙي حملي بعد متاثر جوڙو داد لغاري ٿاڻي تي ملوث جوابدارن الهيار، نيازي، هزارو لغاري ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي هوڏانهن جوڙو شبانه لغاري پنهنجي مڙس خليل لغاري ماءُ ملوڪان لغاري سان گڏجي انصاف لاءِ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته مون پنهنجي  پيءُ جي رضا خوشي سان 8 مهينا اڳ پسند جي شادي ڪئي هئي هن چيو ته پسند جي شادي بعد برادري جا بااثر الهيار، نيازي ۽ هزارا لغاري اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جن گذريل رات دير سان اسان جي گھر تي حملو ڪري مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون دانهون ڪيون ته انهن مون تي سخت تشدد ڪيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا. هن چيو ته بااثر الهيار لغاري مون کي اغوا ڪري برادري جي نوجوان امجد لغاري سان زبردستي شادي ڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته بااثر الهيار منهنجي پيءُ عبدالڪريم کي ورغلائي منهنجي ماءُ ملوڪان تي پڻ تشدد ڪرائي گھران ڪڍرائي ڇڏيو آهي جيڪا پڻ مون سان گڏ رهي ٿي. هن ايس ايس پي گھوٽڪي کي اپيل ڪئي ته منهنجي جان جا ويري بڻيل بااثر جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو