پسند جو پرڻو، ڪراچي واسي جوڙي جي تحفظ جي اپيل

پيرجوڳوٺ(ن س) صفوران واري علائقي سيد ڳوٺ جي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي حاجران ڪوثر پنهنجي مڙس شاھزيب چنه سان گڏ پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو آھي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان نواب شاھ جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيوسين ۽ نڪاح نامو توڙي عدالت جو حڪم نامو پنهنجي حد جي ٿاڻي تي موڪليوسين پر منهنجا مائٽ بااثر آھن جن اسان کي تنگ ڪرڻ لاءِ حد جي ٿاڻي تي منهنجو اغوا ۽ گهرمان چوري جو ڪيس منهنجي مڙس شاھزيب چنه ۽ ٻين مٿان  داخل ڪرايو آھي، ڀاءُ جاويد، يعقوب ۽ چاچو اعجاز علي ملڪ ۽ ٻيا اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، جنهن ڪري دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي ته منهنجي مڙس مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو