پسند جو پرڻو، مائٽ ويري بڻجي ويا، تحفظ ڏيو

روھڙي (ن سنڌيار) روھڙي: حيدرآباد چمٽي گلي پڪو قلعو جي رھائشي 24 سالن جي ايمن اقبال ڌيءَ اقبال شيخ پاران روھڙي جي ڳوٺ عبدالرحيم جاگيراڻي جي رھائشي 24 سالن جي محمد علي ولد عبيد الله جاگيراڻي سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. پريمي جوڙي مطابق پنهنجي رضا خوشيءَ سان ھلندڙ مھيني جي 17 تاريخ تي نڪاح ڪيو آهي ان سلسلي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ايمن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عدالت ذريعي پسند جي شادي ڪرڻ بعد منهنجو خاندان منهنجي ۽ منهنجي مڙس جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ بي بنياد ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏوگڏ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ان قسم جي ڌمڪين کانپوءِ پريمي جوڙي پاران آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر کان تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو