پسندپرڻو،ڇوڪري دارالامان ۽ نوجوان جيل حوالي

مٽياري( رياض چانڊيو) اڏيرو لال مان خاندان پاران اغوا ڄاڻايل ڪولهي برادري جي اٺين درجي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي انيتا ۽ سندس مبينه ور کي پوليس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ ڇوڪري بيان ڏنو ته هن رضا خوشي سان مسلمان ٿي حبيب الله باريجو سان سادي ڪئي آهي. مٽياري جي سول جج بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ڇوڪري جو ميديڪل ڪرائي کيس دارالامان ۽ نوجوان کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي انيتا عدالت ۾ ڏنل بيان ورجايو ۽ چيو ته سندس اسلامي نالو شازيا آهي. هن چيو ته هوءَ بالغ آهي ۽ سندس عمر 19 سال آهي. نوجوان حبيب الله جو چوڻ هو ته انيتا پاڻ هن وٽ اچي چيو ته کيس مسلمان ڪري ساڻس شادي ڪريان. مون کيس مسلمان ڪري نڪاح ڪيو آهي. هوڏانهن انيتا جي والده ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي نياڻي معصوم آهي نابالغ آهي هن کي اغوا ڪري زور زبردستي سان مسلمان ڪري نڪاح ڪرايو ويو آهي هن چيو ته انيتا کي ڌمڪائي بيان ڏياريو ويو آهي، اسان مسڪين آهيون منهنجي نياڻي 14 سالن جي آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. واضح رهي ته ڳوٺ فاضلاڻي جي رهواسي انيتا جي والد رٽشي ڪولهي ڪجھ ڏينهن پهريان اڏيرو لال ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته نوجوان حبيب الله پنهنجي ٽن ساٿين سان گڏجي هٿيارن جي زور تي منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو