سکر(بيورو رپورٽ) شڪارپور پوليس پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان تي زال کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس ۽ مائٽن جي ڌمڪين سبب دربدر جوڙي احتجاج ڪندي تحفظ جي گهر ڪئي آهي. پسند جي شادي ڪندڙ شڪارپور واسي جوڙي سرفراز گولو ۽ سندس گهرواري اقصيٰ گولو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف سکر پهچي احتجاج ڪيو. صحافين سان ڳالھائیندي اقصيٰ گولو چيو تہ مون کي مائٽ زبردستي هڪ پوڙهي سان پرڻائڻ پئي چاهيو، جنهن تي مون مائٽن جي اهڙي فيصلي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي رضا خوشيءَ سان پنهنجي مائٽ سرفراز گولو سان ڪجهه ڏينهن اڳ نواب شاھ جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو آھي، جنهن کانپوءِ منهنجا مائٽ منهنجي ۽ مڙس سرفراز جا دشمن بڻجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته مائٽن شڪارپور پوليس کي رشوت ڏئي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن اعلي عدالتن ۽ پوليس جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته سرفراز خلاف داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو