پرڻيل عورت اغوا، بازيابي لاءِ احتجاج، هاءِ وي بند

گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي ) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ چنگلاڻي مان اغوا ٿي ويل نوجوان ناري نورجهان زال عرفان لانگاھ جي بازيابي لاء لانگاھ برادري جي ماڻهن چنا پمپ وٽ ٽائرن کي باھيون ڏيئي نيشنل ھائي وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. عورتون ھٿن ۾ قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪيو احتجاج سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون، احتجاج دوران ھڪ پوڙھي عورت بيھوش ٿي ويئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ربنواز،  لال بخش، عرفان ، معشوق، رحيم بخش ۽ بشير لانگاھ  آئي جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ايس ايس گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي  ته عرفان ڪلوڙ کي گرفتار ڪري ان مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي  ۽ اسان کي پنهنجو ننگ واپس ڪري ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو