پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جولاءِ ۾ رڪارڊ رقم موڪلي، خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستاني معيشت ٽريڪ تي اچي پئي ۽ جلد نيون خوشخبريون ملنديون. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو آهي ته جولاءِ 2020 ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين 2 ارب 76 ڪروڙ 80 لک ڊالر پاڪستان اماڻيا آهن.

هي رقم پاڪستان جي معاشي تاريخ جي هڪ مهيني ۾ آيل رميٽنسز جي وڏي ۾ وڏي رقم آهي. هن ٻڌايو آهي ته ه رقم هلندڙ سال جون جي مهيني جي ڀيٽ ۾ 12.2 سيڪڙو ۽ گذريل سال جولاءِ ۾ آيل رقم کان 36.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو