پريميئر ليگ ۾ مانچسٽر جي ليڊز کي شڪست

ٽريفورڊ(ويب ڊيسڪ)انگلينڊ ۾ جاري پريميئر فٽبال ليگ جي هڪ ميچ ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ ليڊز يونائيٽيڊ کي هڪ گول جي مقابلي ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميچ جي خاص ڳالهه برونو فرنانڊس جي هيٽ ٽرڪ آهي جنهن ليڊز جي حامين کي ڌچڪو پهچايو. پرتگال جي مڊ فيلڊر برونو پوئين هاف ۾ مخالف ٽيم جي گول پوسٽ تي زبردست حملا ڪيا. ليڊز جو واحد گول لِيوڪ اَيلي ڪيو. فرانس جي مڊ فيلڊر پوگبو جي پاس ۽ ڪراس تي 4 گول ٿيا، گرين ووڊ به هڪ گول سندس پاس تي ڪيو. راند ختم ٿيڻ بعد تماشائن پوگبو کي 15 منٽن تائين اٿي بيهي تاڙيون وڄائي داد ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو