پريس ڪلب ۾ لائبرري قائم، سول سوسائٽي پاران ڪتاب گفٽ

ڏهرڪي (اسد غفور ڀٽو)پريس ڪلب جي نئين عمارت ۾ پبلڪ لائبرري قائم ڪرڻ ۽ ڪتاب گفٽ ڪرڻ جي تقريب منعقد ٿي، ان موقعي تي سول سوسائٽي پاران ايريگيشن پارڪ کان  هڪ وڏي ريلي ڪڍي ڏھرڪي پريس ڪلب جي نئين مثالي بلڊنگ قائم ڪري ان ۾ لائبريري قائم ڪرڻ تي ڏھرڪي پريس ڪلب جي صدر لالا قادر ڀٽو ۽ ٻين کي گلن جا هار پارائي لائبريري لاءِ ڪتاب گفٽ ڪيا ان موقعي تي ڏھرڪي پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڏھرڪي پريس ڪلب جي صدر لالا قادر ڀٽو، گهوٽڪي شھري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين نصرالله ڪلادي، ميرحسن لاشاري، پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ شاه علي لاشاري، سنڌي ادبي سنگت جي زاهد ڀٽو، فنڪار ايسوسيئيشن جي اورنگزيب ساگر ۽ ٻين چيو ته ڏھرڪي پريس ڪلب ضلع گهوٽڪي جو مثالي پريس ڪلب آھي جنهن هميشه غريب مسڪين ماڻھن جي آوازن کي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آھي هنن  چيو ته ڏھرڪي پريس ڪلب جي ٽيم جس لهي جنهن پريس ڪلب جي مثالي بلڊنگ قائم ڪري ان ۾ لائبريري قائم ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو