پريتي زنٽا جا متبادل عورت ذريعي جاڙا ٻار ڄڻڻ تي خوشي جو اظهار

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پريتي زنٽا سروگيسي يعني متبادل عورت ذريعي جاڙن ٻارن کي جنم ڏنو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي، پريتي پنهنجي مڙس سان هڪ خوبصورت تصوير شيئر ڪئي ۽ مداحن کي ٻڌايو ته کيس ڄاول پٽ ۽ نياڻي جا هن جئي ۽ جيا نالا رکيا آهن. پريتي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مان توهان کي اڄ هڪ بهترين خبر ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته مان ۽ منهنجو مڙس جِين گُڊاِنف اهو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون ته اسان ٻنهي جي خاندان ۾ بيحد پيار سان جاڙا ٻار ٿيا آهن،

جين زنٽا گڊ انف ۽ جين زنٽا گڊ انف ۾ ڀليڪار. پريتي لکيو ته هوءَ ۽ سندس مڙس پنهنجي خاندان ۾ انهن ٻارن جي اچڻ تي ڏاڍا خوش ۽ پرجوش آهن.  اداڪارا ڊاڪٽرن، نرسن ۽ سروگيٽس جو به شڪريو ادا ڪيو جيڪي هن سفر ۾ ساڻس گڏ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو