پريانٿا ڪمارا قتل ۾ 7 وڌيڪ مک جوابدار گرفتار، انگ 131 ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس 49 سالن جي سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 7 مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن  بعد گرفتار جوابدارن جو انگ 131 ٿي ويو آهي. پوليس موجب گرفتار جوابدارن کا جاچ جاري آهي. پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ سڪندر، رشيد، احمد شهزاد، زوهيب، محمد ارشاد، سبحان ۽ عمير علي شامل آهن، 7 جوابدارن کي سي سي ٽي وي ۽ موبائل ڪالز ڊيٽا جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جوابدار سڪندر ڇت تي ماڻهن کي گڏ ڪري پريانٿا ڪمارا کي تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو، جوابدار رشيد ميڙ ۾ شامل هو، جڏهن ته جوابدار احمد شهزاد هن کي ڏنڊا هنيا. پوليس موجب جوابدار زوهيب تشدد جي رٿابندي ۾ ملوث هو، جڏهن ته حملي ۾ محمد ارشاد، سبحان ۽ عمير علي به شامل هئا، جوابدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين جي جاچ ۾ 26 گرفتار جوابدارن جا مرڪزي ڪردار سامهون آيا آهن، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ آءِ جي پنجاب ڪيس جي جاچ جي مسلسل نگراني ڪري رهيا آهن جڏهن ته وڏي وزير ڪيس جي جاچ جو ٽاسڪ سيڪريٽري پراسيڪيوشن کي ڏئي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 3 ڊسمبر تي اسپورٽس گارمينٽ فيڪٽري جي غير مسلم سريلنڪن مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ ماري لاش کي ساڙيو ويو هو، پوليس موجب هو مزدورن ۽ ملازمن کان سختي سان ڊيوٽي وٺندو هو جنهن تي هنن مذهبي رنگ ڏئي توهين رسالت جي ڪوڙي الزام ۾ کيس گهلي گهلي ڏنڊا هڻي کيس باهه ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو هو. ايف آءِ آر 900 ورڪرز خلاف داخل ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو