پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس ۾ 8 وڌيڪ مک جوابدار گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)سيالڪوٽ ۾ مذهبي پوسٽر هٽائڻ جي الزام ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سريلنڪن فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.گرفتار جوابدارن کي سومر تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪيس ۾ 34 جوابدار اڳ ئي جسماني رمانڊ تي آهن جڏهن ته 80 جوابدارن کان جاچ جاري آهي. سيالڪوٽ سانحي ۾ گرفتار ٿيل 42 ڄڻن کي ذاتي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف سيالڪوٽ سانحي ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت جو جج ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ روزانو جيل جو دورو ڪندو.3 ڊسمبر تي سيالڪوٽ جي هڪ فيڪٽري ۾ غير مسلم سري لنڪا جي مئنيجر پريانٿا ڪمارا کي هجوم پاران تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ۽ سندس لاش کي ساڙيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو