پريانٿا ڪمارا جو لاش ڪولمبو پهچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جو مڙهه ڪولمبو پهچايو ويو آهي.سريلنڪا جي سفارتخاني جا عملدار صبح جو سوير اسپتال پهتا ته پريانٿا ڪمارا جو لاش کڻڻ لاءِ پرائيويٽ فيڪٽري جي مئنيجر ۽ هڪ سريلنڪن سفارتڪار توهين مذهب جي ڪوڙي الزام قتل ڪيل پريانٿا ڪمارا جي تابوت تي گل رکيا. پريانٿا ڪمارا جو مڙهه سيالڪوٽ کان لاهور آندو ويو، ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير جي نمائندگي اقليتي معاملن واري صوبائي وزير اعجاز عالم ڪئي، عثمان بوزدار کي اهم اجلاس لاءِ اسلام آباد وڃڻو هو. فوت ٿيل فيڪٽري مئنيجر پريانٿا ڪمارا جون آخري رسمون ڪولمبو ۾ ادا ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو