پريانٿا ڪمارا جو جسم سڙيل ۽ هڏا ڀڳل هئا، پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ سانحي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سريلنڪن شهري پريانٿا ڪمارا جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پريانٿا ڪمارا جو اڪثر جسم سڙيل هيو، جڏهن ته سندس ٽنگون ۽ پيرن جو هيٺيون حصو باهه کان محفوظ رهيوپر باهه ۾ بچيل حصي جا هڏا ٽٽل مليا آهن. ذريعن موجب پوسٽ مارٽم رپورٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جي گهرو وزارت سريلنڪن سفارتخاني سان رابطو ڪري ورتو آهي، پريانٿا ڪمارا جو مڙهه اڄ خاص اڏام ذريعي اسلام آباد پهچايو ويندو، جتان سري لنڪن سفارتخاني جا عملدار لاش کي سري لنڪا کڻائي ويندا. سيالڪوٽ جي هڪ فيڪٽري ۾ هو ايڪسپورٽ مئنيجر هو، ملازمن سان صفائي جي معاملي تي ٿيل اختلافن بعد مٿس توهين رسالت جو الزام هڻي ڪم چور ملازمن کيس ڏنڊا هڻي گهلي گهلي رتو رت ڪرڻ بعد باهه ڏئي کيس ساڙي ڇڏيو هو. وزيراعظم عمران خان سميت اهم حڪومتي عملدارن توڙي اپوزيشن جي اڳواڻن واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو

پهنجو تبصرو موڪليو