پرويز شاهه جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

خيرپور(ن سنڌيار)دل جي دوري سبب فوت ٿي ويل اڳوڻي وفاقي وزير ۽ ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني جي ننڍي ڀاءُ سيد پرويز علي شاهه جي جنازي نماز پراڻي قومي شاهراه ڀرسان شيعه عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز  ۾ سياسي سماجي، مذهبي اڳواڻن، ججن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، مٽن مائٽن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سيد پرويز علي شاهه جي جنازي نماز علامه سيد ارشاد حسين شاه نقوي پڙهائي. مرحوم جي جنازي نماز ۾  اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد امير سعود مگسي، ڊپٽي ڪمشنر راجا طارق چانڊيو، ايڊوڪيٽ شفيع محمد چانڊيو، سيد اسد علي شاهه، شهزاد شاهه، سيد شاهزيب شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن بعد کيس آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو