پرويز خٽڪ جو وضاحتي بيان، فارورڊ بلاڪ نه ٺهندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن سان به سختي ناهي ڪئي، مان پنهنجي حق جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو اجلاس مان اٿي وڃڻ جو سبب بڻيو ته هن چيو ته هو غصي ۾ نه پر سگريٽ پيئڻ ويو هئس. پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته ڪو به اختلاف ناهي، رڳو گئس جو معاملو آهي، وزيراعظم سان ڪو به اختلاف ناهي. جڏهن پڇيو ويو ته ڇا توهان کي وزيراعظم تي اعتماد آهي؟ جنهن تي پرويز خٽڪ جواب ڏنو ته کيس وزيراعظم تي 100 سيڪڙو اعتماد آهي، گيس جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي ڳالهه ٿي ته ان کي اختلاف نه چئبو. جڏهن پرويز خٽڪ کان پڇيو ويو ته ڇا ڪو فارورڊ بلاڪ هوندو ته هن چيو ته ڪنهن کي به فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ نه ڏينداسين. ان کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سان بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ سندس چيمبر ۾ الڳ ملاقات ڪئي جنهن ۾ عمر ايوب به موجود هو. ملاقات کانپوءِ پرويز خٽڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي وي ڏسي حيران ٿي ويس ڄڻ مون طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، رڳو گيس جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، منهنجو سوال هو ته اسان جي گئس اسڪيمن تي ڪم ٿيڻ گهرجي، مون ڪجهه به ناهي چيو ته مان ووٽ نه ڏيندس. اهو پارٽي جو اندروني معاملو آهي، مون ڪا سخت ڳالهه ناهي ڪئي، مان وزيراعظم جي خلاف ناهيان، مان نه ٿو ٿي سگهان ۽ نه سوچي سگهان ٿو. 

پهنجو تبصرو موڪليو