پروفيسر رجب ميمڻ 76 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ۽ تعليمي ماهر پروفيسر رجب ميمڻ وفات ڪري ويو. مرحوم جي عمر 76 سال هئي. هن نورمحمد هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي.  جنهن بعد زراعت جي شعبي ۾ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا ويو ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد واپس سنڌ آيو. هو مختلف ادارن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جو وائيس چانسلر رهيو. هو سياسي طور تي مرحوم رسول بخش پليجو کان ڪافي متاثر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو