پروفيسر جي گهر تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

بوزداروڏا (حسين ٽانوري)سپسا اڳواڻ پروفيسر زاهد حسين هليو جي گهر تي لاڙڪاڻو پوليس جي چڙهائي , گهر وارن سان بد اخلاقي ۽  پروفيسر زاهد حسين کي بنا ڪنھن وارنٽ جي گرفتار ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. هائر سيڪنڊري اسڪول نور بوزدار جي پروفيسر جميل احمد بوزدار, پروفيسر عابد علي بوزدار ۽ امتياز علي بوزدار احتجاج ڪندي چيو ته لاڙڪاڻه پوليس جي ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. پوليس پروفيسر جي گهر تي چڙهائي ڪري چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان  گھر ڪئي آهي ته  کيس آزاد ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو