پرمٽ ۾ دير ٿي آهي پر مهاڻا سمنڊ ۾ وڃي سگهندا، جروار

ابراهيم حيدري(شهزادو مستوئي) فشريز کاتي جي ڊائريڪٽراسلم جروار چيو آهي ته اڻ ٽرسببن جي ڪري مهاڻن کي سمنڊ ۾ مڇي مارڻ جا پرمٽ جاري ڪرن م دير ٿي آهي، اڱاري کان فارم ورهائينداسين. هن چيو ته پرمٽ ملي نه ملي پر ڪنهن به مهاڻي کي ماهيگيري لاءِ سمنڊ ۾ وڃڻ کان نه روڪينداسين. هرسال جيان هن سال سمنڊ ۾ مڇي مارڻ تي ٻن مهينن جون ۽ جولاءِ جي پابندي جو مدو پورو ٿيڻ تي آهي پر فشريز کاتي ڪراچي، ابراهيم حيدري، ريڙهي، لٺ بستي، چشما ڳوٺ،صالح آباد، ڪياماڙي سميت سمنڊ ڪنارن تي بيٺل 35 هزار کان وڌيڪ هوڙن کي اڃا تائين فشنگ پرمٽ لائسنس جاري نه ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ مقامي مهاڻن مجيد موٽاڻي، حسن دبلو، يوسف ڪڏاڻي ۽ ٻين صحافين سان سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هزارين هوڙن کي هر سال مدي جي هڪ مهيني جون پوري ٿيڻ سان جولائي کان پرمٽ جاري ڪيا ويندا آهن جن کي پورو مهينو لڳي ويندو آهي ۽ مهاڻا پهرين آگسٽ تي لائسنس وٺي هوڙا سينگاري روزگار تي روانا ٿي ويندا آهن پرهن ڀيري فشريز کاتي ۾ بدنظمي سبب پرمٽ اڃان تائين جاري نه ٿي سگهيا آهن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻن مهينن جي بي روزگاري کان تنگ مهاڻن ۾ پرمٽ نه ملڻ تي بي چيني پکڙجي وئي آهي جيڪڏهن هاڻ پرمٽ جاري ڪيا ويا ته ان کي به پورو آگسٽ مهينو لڳي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو